راهوجوجهانگير

راهوجوجهانگير

راهوجو جهانگير

راهوجو، جهانگير: ٽوڙهي ڦاٽڪ واقعي جو اَسِير، ناميارو قانوندان، سياسي اڳواڻ ۽ ليکڪ جهانگير ولد اورنگزيب راهُوجو، پهرين مارچ 1961ع تي وڳڻ شهر، تعلقي وارهه، ضلعي قنبر شهدادڪوٽ (اڳوڻي ضلعي لاڙڪاڻي) ۾ پيدا ٿيو. هن پرائمري کان مڊل تائين تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪئي، مئٽرڪ 1978ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول نئين ديري مان، انٽر گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان، بي. ايس. سي ۽ ايم. ايس. سي (ڪيمسٽري: 1987ع) سنڌ يونيورسٽي، ڄام شوري مان ڪئي. ايم. ايس. سي ڪرڻ کانپوءِ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج نصيرآباد ۾ ڪيمسٽريءَ جو ليڪچرار مقرر ٿيو. 1988ع ۾ ليڪچراريءَ تان استعيفا ڏئي ڊفينس سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي ليبارٽريز ۾ ايڪسپيريمينٽل آفيسر مقرر ٿيو، جنهن دوران هن راولپنڊيءَ کان ڪوهه مريءَ تائين ڪيترن وڏن جبلن جو دورو ڪيو ۽ اتان جي ڪيترن ماڳن مڪانن تي ڪيميائي تحقيق ڪئي. 1993ع جي آخر ۾ ’ڊي. اي. ايس ٽي. او‘ ليبارٽريز ڪراچيءَ ۾ بدلي ٿي آيو. مارچ 1996ع ۾ نوڪريءَ تان استعيفا ڏئي اباڻي ڳوٺ وڳڻ واپس آيو، جتي زرعي زمينن جي سار سنڀال ڪرڻ لڳو ۽ ساڳي ئي وقت ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ ايل. ايل. بي جي شاگرد طور داخلا ورتائين، جتان 2003ع ۾ ايل. ايل. بي ڪري، 2005ع ۾ ساڳئي ئي يونيورسٽيءَ مان ايل. ايل. ايم جي سند وٺي وڪالت جي پيشي سان عملي طور لاڳاپجي ويو ۽ اڄ تائين اُن ئي پيشي سان وابسته آهي.
جهانگير راهوجي سياسي زندگيءَ جي شروعات 1976ع ۾ جميعت جي رڪنيت سان ڪئي، جنهن کان پوءِ ’سنڌ پيپلز اسٽوڊنٽس فيڊريشن‘ (SPSF) ۾ شامل ٿيو ۽ 1981ع تائين سرگرم رهيو، جنهن کانپوءِ هن 1983ع ۾ سنڌ يونيورسٽي، ڄامشوري جي شاگرديءَ واري دؤر ۾ ’جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن‘ (جساف) ۾ شمُوليت اختيار ڪري، قومپرست سياست ۾ قدم رکيو. 1983ع ۾ هو جساف جي سنڌ يونيورسٽي يونٽ جو ’خزانچي‘ چونڊيو. 17 آڪٽوبر 1984ع تي ’ٽوڙهي ڦاٽڪ‘ وارو دل ڏاريندڙ سانحو پيش آيو، جنهن ۾ ٽوڙهي ڦاٽڪ وٽ قانون نافذ ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن بيگناهه سنڌي شاگردن تي گوليون وسايون، جنهن ڪارروائيءَ دوران پنج سنڌي شاگرد بيگناهه قتل ٿي ويا ۽ 105 شاگردن کي گرفتار ڪيو ويو. جهانگير راهوجو به انهن اسيرن ۾ شامل هو، کيس زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ قيد ڪيو ويو هو. آزاديءَ کانپوءِ به سياست ۾ سرگرم رهيو. هو 1985ع ۾ جساف سنڌ يونيورسٽيءَ جو صدر چونڊيو ۽ بعد ۾ چيف آرگنائيزر جي عهدي تي 1987ع تائين رهيو.
جهانگير راهوجو برجستو ليکڪ ۽ شاعر آهي. سندس چار ڪتاب ڇپجِي چڪا آهن: (1) ’سنڌ جي ڪربلا‘ (ٽوڙهي ڦاٽڪ جي واقعي جي تاريخ ۽ جيل جي ڊائري)، (2) ’ٽوڙهي ڦاٽڪ جا شهيد‘، (3) ’آزاديءَ جي اڏام‘ (انگريزي ناول Kites of War جو سنڌي ترجمو)، (4) ’ڪنفيڊريشن‘ (پاڪستان ۾ ڪنفيڊريشن نظام بابت بلوچ سياستدان عطاءُ الله مينگل جي 1986ع ۾ ڏنل تفصيلي انٽرويو جو ترجمو).
جهانگير راهوجو 1996ع ۾ ٻيو ڀيرو جيل ويو. 2007ع ۾ وڪيلن جي عدليه جي آزاديءَ واري تحريڪ ۾ سرگرم رهيو ۽ ان دوران ڪراچي سينٽرل جيل ۾ قيد رهيو. قانون جي پريڪٽس شروع ڪرڻ بعد ’سنڌ دوست لايرس آرگنائيزيشن‘ جو بنياد وجھي سنڌي وڪيلن کي هڪ پليٽفارم تي گڏ ڪيائين. اُن کانسواءِ هو ’ايشين لايرس ايسوسيئيشن‘ ، ’لايرس ڪلب آف پاڪستان‘ سميت وڪيلن جي ڪيترين تنظيمن جو ميمبر رهيو آهي. هن وقت ڪراچي هاءِ ڪورٽ جو سينيئر وڪيل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1961.03.01  عيسوي

ٽوڙهي ڦاٽڪ واقعي جو اَسِير، ناميارو قانوندان، سياسي اڳواڻ ۽ ليکڪ جهانگير ولد اورنگزيب راهُوجو، پهرين مارچ 1961ع تي وڳڻ شهر، تعلقي وارهه، ضلعي قنبر شهدادڪوٽ (اڳوڻي ضلعي لاڙڪاڻي) ۾ پيدا ٿيو.


1984.10.17  عيسوي

17 آڪٽوبر 1984ع تي ’ٽوڙهي ڦاٽڪ‘ وارو دل ڏاريندڙ سانحو پيش آيو، جنهن ۾ ٽوڙهي ڦاٽڪ وٽ قانون نافذ ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن بيگناهه سنڌي شاگردن تي گوليون وسايون، جنهن ڪارروائيءَ دوران پنج سنڌي شاگرد بيگناهه قتل ٿي ويا ۽ 105 شاگردن کي گرفتار ڪيو ويو. جهانگير راهوجو به انهن اسيرن ۾ شامل هو، کيس زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ قيد ڪيو ويو هو. آزاديءَ کانپوءِ به سياست ۾ سرگرم رهيو. هو 1985ع ۾ جساف سنڌ يونيورسٽيءَ جو صدر چونڊيو ۽ بعد ۾ چيف آرگنائيزر جي عهدي تي 1987ع تائين رهيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جمال الدين مؤمن
احمد خان چانڊيو
سيد حيدر شاهه 2
پنڊت موهن لال
حبيب نائچ
ايسر خدمتگذار
عباسي ايس ايم
جمن شاهه داتا
الاهي بخش شيخ
پنهور مولوي محمد علي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون